تحقيقي مرڪز ڀٽ شاهه

تحقيقي مرڪز، ڀٽ شاهه (شاهه لطيف ايڪسيلنس سينٽر ):سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي فڪري ۽ شاعرانه عظمت کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سطح تي ڀرپور انداز سان روشناس ڪرائڻ لاءِ 1995ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم پاڪستان، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هن جو افتتاح ڪيو. پاڻ سينٽر آف ايڪسيلينس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان هڪ جامع پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم ڪيائين. سندس انهي حڪم ۽ هدايت تي گورنر سنڌ جي نگراني هيٺ انهيءَ رٿا کي ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي سربراهيءَ ۾ شروع ڪيو ويو، هن ۾ شاهه صاحب جن جي آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه کي سهڻو بنائڻ، سنڌ جي ثقافتي روين کي فروغ ڏيڻ ۽ شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ پيغام کي سمجهڻ ۽ ان کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تائين پهچائڻ لاءِ لطيفي مطالعي جو تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ، انهيءَ جامع رٿا ۾ شامل آهن. انهيءَ بنياد تي 9.10-1995 تي عبدالغفار سومري (تڏهوڪي ڪمشنر حيدرآباد)، پاران تشڪيل ڏنل ناميارن عالمن ۽ دانشورن جي ڪميٽي جي ميٽنگ ڪوٺائي ۽ ”شاهه عبدالطيف ڀٽائي تحقيقي مرڪز“ جو بنياد وڌو. جيستائين ان تحقيقي مرڪز لاءِ ڀٽ شاهه تي ڪو مڪمل بندوبست ٿئي، ان وقت تائين اداري جي عارضي آفيس ڪمشنر جي لئبريريءَ ۾ قائم ڪري، هن اهم علمي، فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو آغاز ڪيو ويو. تحقيقي مرڪز جا مقصد هيٺيان رکيا ويا. تحقيقي مرڪز جا مقصد: الف: هن اداري جو بنيادي مقصد اهو رهندو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي شروع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ اندر يا سنڌ کان ٻاهر سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي، جرمن، فرينچ، عربي يا جن به ٻين ٻولين ۾ تحقيقي يا ترجمي وارو مواد شايع ٿيو آهي، ان کي تحقيقي مرڪز لاءِ مرحليوار حاصل ڪرڻ. ب: لطيف سائين جي ڪلام جا قلمي نسخا يا انهن جا عڪس حاصل ڪرڻ. ج: شاهه سائينءَ جي ڪلام جا بمبئي ڇاپي کان وٺي، سنڌي ادبي سوسائٽي يا ٻين ادارن جيڪي به ليٿو ۾ رسالا شايع ڪيا آهن، انهن کي حاصل ڪرڻ. د: شاهه لطيف جي انهن رسالن کي پڻ حاصل ڪرڻ جيڪي نئين سنڌي صورتخطي ۾ وقتاً بوقتاً شايع ٿيا آهن. (جهڙوڪ: گورنمينٽ ڇاپو، ميرزا قليچ بيگ وارو ڇاپو وغيره). م: شاهه لطيف جي ڪلام جا ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل رسالا يا ان جو ڪو به حصو جيڪو ڌارين ٻولين ۾ شايع ٿيو آهي، اهي تحقيقي مرڪز لاءِ حاصل ڪرڻ. و: لطيف جي ڪلام جا شرح سان جيڪي به سر شايع ٿيا آهن، جهڙوڪ: ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شرح ڪيل رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا شرح سان شايع ٿيل رسالي جا مختلف جلد، انهن کي حاصل ڪرڻ. ز: لطيف دنيا جو مهان شاعر آهي، صوفي فڪر ۾ هن جو مقام نهايت مٿانهون ۽ اعليٰ آهي، ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته تحقيقي مرڪز لاءِ صوفي فڪر جي مڙني نظرين ۽ فلسفن متعلق ڪتابن کي حاصل ڪري، تحقيقي مرڪز جي زينت بنائجي، جيئن اهو ڪتابي مواد محقق کي تحقيق جي سلسلي ۾ ڀرپور مدد ڏئي سگهي. ح: لطيف جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو اڻ ميو خزانو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا مختلف لهجا، لفظ، انهن جا مترادفات اڪيچار صورت ۾ ملن ٿا. ان لاءِ ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪتابي مواد کي پڻ تحقيقي مرڪز ۾ جاءِ ڏيڻ. ط: لطيف کي سنڌي ثقافت، جاگرافي ۽ تاريخ ۾ پڻ وڏو مقام حاصل آهي، ان لاءِ تحقيقي لحاظ کان ان قسم جي ڪتابي مواد کي تحقيقي مرڪز ۾ آڻڻ. ي: لطيف جي شاعري سنڌ جي اساسي ۽ صوفيانه فڪري شاعريءَ جي تاريخ ۾ گهاڙيٽي ۽ ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان عروج وارو مقام رکندڙ آهي. جتي پاڻ پنهنجي دور ۽ ان کان اڳ جي شاعرن کان متاثر آهن، اتي پنهنجي دور جي يا بعد جي شاعرن جي ڪلام تي سندن فڪري ۽ فني گهرو اثر نظر اچي ٿو. تقابلي مطالعي لاءِ اڳين توڙي پوئين شاعرن جي ڪلام جا بياض تحقيقي مرڪز ۾ گڏ ڪرڻ. هه: شاهه سائينءَ تي، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، سنڌ اطلاعات کاتو، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ جي مختلف علمي ادبي تنظيمن يا ٻين ادارن جيڪو مواد شايع ڪيو آهي، اهو حاصل ڪرڻ. ل: شاهه سائينءَ تي ٿيل ريڊيو پروگرام، ٽي وي پروگرام يا ساليانه عرس مبارڪ جي رڪارڊنگ کي شروع کان وٺي حاصل ڪرڻ. م: ڀٽ شاهه تي لطيفي راڳ جي سرواڻ سائين غلام شاهه (مرحوم) جي راڳ جي مڪمل ريڪارڊنگ سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي، ان کي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ. ن: شاهه سائينءَ تي هن وقت تائين جن صاحبن پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي يا ڪري رهيا آهن. انهن پنهنجي ٿيسز لاءِ جيڪو سورس مٽيريل گڏ ڪيو، ان کي تحقيقي مرڪز لاءِ حاصل ڪرڻ ۽ شاهه تي لکيل هر لکڻيءَ کي اداري لاءِ حاصل ڪرڻ. س: شاهه لطيف جي ليکڪن جي ڊائريڪٽري تيار ڪرڻ، جنهن ۾ ليکڪ جو تعارف ۽ هن لطيف تي جو ڪجهه لکيو آهي، ان جو وچور ڏيڻ. ع: شاهه سائين جي معروف توڙي غير معروف راڳيلن، ڪلام جي حافظن ۽ تحت اللفظ ڪلام پڙهندڙن جي ڪلام کي رڪارڊ ڪري محفوظ ڪرڻ ۽ ڪلام جي حافظن جي ياداشت تيار ڪرڻ. جڏهن ڪمشنري نظام ختم ٿي رهيو هو، ان وقت هن مرڪز جو انچارج محمد حسين ڪاشف هو، سندس درخواست تي هو چند الماڙين سميت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت ۾ شفٽ ٿي آيو، انچارج کي پگهار ثقافت کاتو ڏيندو هو، بعد ۾ بيماريءَ بعد هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. تازو 2010ع ۾ شاهه لطيف جي سالياني عرس تي وزير ثقافت، حڪومت سنڌ محترمه سسئي پليجو ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر (تحقيقي مرڪز) جو سنگ بنياد رکيو، جنهن کان پوءِ اٿارٽيءَ ۾ پيل ڪتابن جون الماڙيون ۽ مواد ان سينٽر کي منتقل ڪيو ويو آهي. هن تحقيقي مرڪز ۾ ”شاهه لطيف جي سڄاڻي“ عنوان سان محمد حسين ڪاشف صاحب جيڪو ڪم ڪيو هو، ان جو پهريون جلد ميلي جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو